اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽ??ن مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿيل قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني اڳواڻ مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قرارداد جي نقل گڏيل قومن جي نمائندي جي حوالي ڪئي ۽ چي?? ته اها قرارداد سڄي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل قومن جي نمائندي يقين ڏياري?? ته سندن جذبا ۽ قرارداد جي مسودي کي گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچاي?? ويندو ان موقعي تي ميڊيا س??ن ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ ه?? ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪي?? ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چي?? ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگ??ن منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قرارداد منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.