اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تاجڪستان ??ان واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، خطي جي ترقي ۽ امن لاءِ افغانستان ۾ تڪرار جو پرامن سياسي حل اڻٽر آهي، ماحولياتي آلودگي جي معاملي تي پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏجي آواز بلند ڪندا، ڀارت جي ڪشمير تي 5 آگسٽ جا ق??م خطي جي امن لاءِ خطرو ۽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف س??ن گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تاجڪستان جي صدر کي خوش آمديد چوان ٿو، هو ان کان اڳ به پاڪستان اچي چڪو آهي.