اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي ملڪن کي دهشتگردي ۽ اسلامو فوبيا جي ??والي سان وڏا چئلينجز درپيش آهن جن تي ويجهي تعاون ذريعي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسلامو فوبيا بابت دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. هو عرب پارليامينٽ جي ??در عادل بن عبدالرحمان العسومي سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر اسلامي ملڪن تي زور ??نو ته اسلامو فوبيا جي ??والي سان دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ ثقافت جي ڪري پاڪستاني عوام جو عرب ملڪن جي ??وام سان قدرتي لڳاءُ آهي، پاڪستان وچ اوڀر جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ خطي جي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي ??مورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??اڪستان جي پاليسي جيو سياست کان جيو اقتصاديات طرف منتقل ٿي وئي آهي، اسان جي نئين پاليسي ترقي جي لاءِ حصيداري، سماجي ??قتصادي ترقي ۽ خطي ۾ امن تي قائم آهي. صدر چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. صدر عارف علوي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر عرب پارليامينٽ جي ??در کي ڀارتي عيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي ??ابراڻي پاليسين بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ شهريت جي قانون ذريعي مسلمان آبادي کي گهٽ ڪري رهيو آهي. هن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي چيو ته ??اڪستان عالمي قانونن موجب فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي ??در چيو ته ??اڪستان عرب دنيا جي لاءِ اهم ملڪ، مسلمان امت جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اسلامي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلامي دنيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۽ عرب دنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا ??ي ضرورت تي زور ??نو. هن چيو ته عرب پارليامينٽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي ??مايت ڪئي. عرب پارليامينٽ جي ??در پاڪستان جي ??ڪومت پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا.