اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا. ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. اڄ وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ??رڪن جو به افتتاح ڪندو. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، آ??ٽو??ر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي، هن وقت تائين ??نج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو، احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکيو نه سمهي عطيا فنڊ به قائم آهي.