اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اٽلي ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته دفاع، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ض??ورت آهي، پاڪستاني آءِ ٽي ماهر پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات اٽلي ۽ يورپ ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽلي جي لاءِ پاڪس??ان جي نامزد سفير علي جاويد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولي سگهجن ٿا، دفاع، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت صنعتي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ض??ورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستاني آءِ ٽي ماهر پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات اٽلي ۽ يورپ ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا، اٽلي ۾ پاڪستاني سفير ۽ سمورو ذيلي عملو پنهنجون توانائين پاڪستانين کي درپيش مسئلن جي حل تي مرڪوز رکي، نامزد سفير اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ض??وري مدد ۽ مشاورت جون خدمتون فراهم ڪري. هن چيو ته نامزد سفير پاڪس??ان ۾ چيمبرز آف ڪامرس ۽ پاڪس??ان جي وڏي صنعتي ۽ مينوفيڪچرنگ ادارن سان ويجهو رابطو رکي، صنعتي يونٽس پاڪس??ان منتقل ڪرڻ جي لاءِ اطالوي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، اطالوي سيڙپڪاري پاڪس??ان ۾ سستي افرادي قوت، خام مال ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن. صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ اتلي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا، پاڪستانين جو وڏو انگ اٽلي ۾ رهي ٿو، انهن جي ڀلائي کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڀارت پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن، ڌمڪين، هراسگ، ڪمزور اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان بدسلوڪي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن کي اجاگر ڪرڻ جي ض??ورت آهي جنهن سان ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جي جان ۽ مال کي سنگين خطرا آهن. هن چيو ته 2013ع ۾ ٻنهي ملڪن صحيحون ٿيل اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان ٻطرفي ۽ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ بهترين فريم ورڪ آهي. هن چيو ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته اٽلي يورپي يونين ۾ پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو حصيدار آهي جڏه?? ته هو د??يا ۾ پاڪس??ان جي 10 وڏن واپاري حصيدارن ۾ پڻ شامل آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ 1.3 ارب ڊالر جو واپاري ڪاٿو انهن جي حقيقي صلاحيتن موجب نه آهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ض??ورت آهي. هن چيو ته اٽلي ۾ اتڪل 2 لک پاڪستاني رهن ٿا جيڪي اٽلي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري هيا آهن. هن انهن پاڪستانين جي ترجيحي بنيادن تي ڀلائي تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير روايتي معاشي سفارتڪاري جي ذريعي تعاون جا نوان موقعا خاص طور تي اسٽارٽس اپ جي لاءِ موقعا ڳوليندو.