نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، فلسطين ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، پاڪست??ن جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديلي آهي، ڪاربن اخراج ۾ پاڪست??ن جو ??صو رڳو 2 سيڪڙو آهي جڏهن ته نقصانن جو ڪِيتو سڀ کان وڌيڪ پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، اڄ اس??ن جي پرڏيهي پاليسي بهتر ٿي آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ پاڪستان کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، سي پيڪ بند ڪيو، آمريڪي سازش جو الزام هنيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، موجوده دور ۾ دوست ملڪن سا?? اس??ن جا لاڳاپا بحال ٿيا، پاڪستان معاشي لحاظ کان اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، موڊيز ۽ فچ جي ريٽنگز اپ گريڊ ٿيون آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار 3.1 ارب ڊالر تي پهچي ويو آهي. گڏيل قومن جي بلڊنگ آڏو صحافين سا?? ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي اها ڳالهه ڪندو رهيو آهي ته اس??ائيل فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، غزه، خان يونس، رفح ۾ معصوم فلسطينين تي ظلم ڪيو پيو وڃي، اس??ائيل معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي. دنيا کي اس??ائيلي ڏوهن جو سختي سا?? نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جڏهن به فلسطين جي ڳالهه ڪئي ته اهو موقف پيش ڪيو ويو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، فلسطين ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته اس??ن چاهيون ٿا ته فلسطين ۾ امن قائم ٿئي، جنگبندي ٿئي، پاڪستان سي 130 جهازن ۽ سا??ونڊي جهازن جي ذريعي امدادي سا??ان فلسطين موڪليو، فلسطين ۾ جن ميڊيڪل شاگردن جي تعليم نامڪمل رهجي چڪي آهي، پاڪستان انهن شاگردن کي پنهنجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، اس??ن چاهيون ٿا ته فلسطين جا شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪن ته جيئن فلسطين ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ نه ٿئي. هن چيو ته فلسطين مسئلو اس??ن جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪست??ن جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديلي آهي، دنيا ۾ پاڪست??ن جو ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ رڳو 2 سيڪڙو ??صو آهي جڏهن ته موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جا نقصان ڀوڳڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته ??ن جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، موسمياتي تبديلي سا?? سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ پاڻ ٻوڏ جي صورتحال جو مشاهدو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي هٿان وڏا نقصان کنيا آهن، اهي اس??ن اڃا به ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي 2018ع کانپوءِ آئسوليشن جو شڪار هئي، اوڀر، اولهه ۽ وچ اوڀر ۾ اس??ن جا دوست ملڪ ناراض هئا، موجوده دور ۾ دوست ملڪن سا?? لاڳاپا بحال ٿيا آهن ۽ ??ن جي نتيجي ۾ پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتري آئي آهي. پاڪست??ن جي معيشت جي حوالي سا?? سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پاڪستان معاشي لحاظ کان اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، دنيا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري، پاڪستان ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بلومبرگ پاڪست??ن جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي اڀرندڙ مارڪيٽ قرار ڏنو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪست??ن جي ريٽنگز اپ گريڊ ڪيون آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار 3.1 ارب ڊالر تي پهچي ويو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ۽ پاليسي ريٽ هيٺ آئي آهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي معيشت بحال ٿي آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا آهن ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، دنيا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري پاڪست??ن جي معيشت مان فائدو کڻي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سا?? معاملا بهتر طريقي سا?? هلي رهيا آهن. آءِ ايم ايف معاهدو فائنل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، عوام کي جلد خوشخبري ٻڌائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ پاڪستان کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، سي پيڪ بند ڪيو، آمريڪي سازش جو الزام هنيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، پرڏيهي پاليسي ان وقت ڇا هئي، هاڻي ڇا آهي، بهتري ڪيئن آئي آهي، توهان پاڻ ??ن جا جج آهيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نه رڳو پاڪستاني ڪميونٽي پر ڊاڪٽرز، بينڪرز ۽ زندگي جي مختلف شعبن سا?? تعلق رکندڙ پاڪستانين سا?? ملاقاتون طئي آهن، ڪوشش هوندي ته ميڊيا کي هر لمحي کان باخبر رکيو وڃي، وزيراعظم جي اهم ملاقاتن جا تفصيل ميڊيا سا?? شيئر ڪيا ويندا.