اسلام آ??اد – 27 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ عيد جي آخري موڪل واري ڏينهن به ڪورونا وائرس صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو. ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي خاتمي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد جي حوالي سان فورم کي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اين سي او ??ي موجب اجلاس جي صدارت منصوبابندي، تر??ي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي.