اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مودي جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين کي انهن جي پيدائشي ۽ گڏيل قومن جي مڃيل ريفرنڊم جي حق کان طاقت جي زور تي محروم ڪري رکيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازشن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. اي پي پي کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت پاران ڪش??ير ۾ غيرانساني سلوڪ ان ڳالهه جو گهرجائو ??هي ته عالمي برادري هاڻي خرگوش جي خواب ما?? بيدار ٿئي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪش??ير جي تاريخ ۾ ??ڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. معصوم ڪشميرين جو فوجي گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪرفيو ۽ م??ڻهن جي قتل سان ڪشميرين جون زندگيون بدترين صورتحال ۾ ورتل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.