اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موق??ي تي پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ه?? قسم جي قرباني جي لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي، عوام ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي تدبيرن کي هرگز نظرانداز نه ڪري، قرباني جي عيد جي هن موق??ي تي قرباني جي جذبي سان سرشار ٿي غريبن ۽ ضرورتمندن جي وڌي چڙهي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن ع??دالاضحيٰ جي موق??ي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موق??ي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خوشي جو هي موقعو اسان جي زندگي ۾ خوشيون ۽ ڪاميابيون کڻي ايندو. صدر چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيده ماڻهن کي مختلف امتحانن ۾ وجهي آزمايو، اهي بزرگ هستيون انهن امتحانن ۾ پوري طرح سرخرو ٿيون، آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ه?? قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي.