اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، ميڊيا کي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر سطح تي آسانيون ۽ مراعتون ملي سگهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميڊيا کي صنعت جو درجو ??نو ويو آهي، ڪميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعم??ن وزير جي لفظن جي خبر شايع ڪرڻ تي جنگ ميڊيا گروپ کي وضاحت پيش ڪرڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياس?? قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعلي ??بر?? جي حوالي سان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نش??يات وارو سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، پي آءِ او شاهيرا شاهد سميت اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت جي ذيلي ادارن جا عملدار به موجود هئا.